راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آصف علي زرداري ن ليگ جو پراڻو قرض سود سميت واپس ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نيب قانون ختم ڪيو پيو وڃي، آصف علي زرداري ن ليگ پراڻو قرض سود سميت واپس ڪيو آهي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن فيصل آباد ۽ ملتان جا اجلاس نه ٿيڻ ڏنا ويا ته 20 مئي کان اڳ به لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو 17 ۽ 18 مئي کان شروع ڪيو ويندو، ايندڙ 15 ڏينهن تمام گهڻا هوندا. شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن طاقت جو استعمال ٿيو ته پي ٽي آءِ وڌيڪ اڀري ويندي، هي ماڻهو ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، هي ماڻهو پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ چاهين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت بي نقاب ٿي رهي آهي، ملڪ ڊفالٽ طرف وڃي رهيو آهي، ملڪ انارڪي طرف وڃي رهيو آهي.










