زرداري ليگ سنڌ جي عوام کي بکيو مارڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي: سردار عبدالرحيم

زرداري ليگ سنڌ جي عوام کي بکيو مارڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته زرداري ليگ سنڌ جي عوام کي بکيو مارڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ،غربت ء مھانگائي جي ماريل عوام تي ھڪ مخصوص طبقي کي نوازڻ لاء ڪڻڪ جا اگھ وڌائي غريب عوام جي زندگين سان کيڏيو پيو وڃي ،پنھنجي جاري بيان م سردار عبدالرحيم چيو ت برساتن ء ٻوڏ سبب سنڌ جو عوام بک ء غربت جو شڪار آهي ماڻھون ٻن ويلن جي ڳڀي کان محروم ٿي ويا آهن ،اھڙي صورتحال م مخصوص طبقي کي خوش ڪرڻ لاء سنڌ ڪابينه عوام کي بک مارڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،سردار عبدالرحيم سوال ڪيو ت زرداري ليگ ڪنھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي،ھي عوام دشمن فيصلا ڪنھن جي ايجنڊا تي ڪيا پيا وڃن،ھن چيو ت لکين ٽن ڪڻڪ برساتن ء ٻوڏ جي پاڻي م خراب ٿي وئي آهي ء سنڌ جا ماڻھون بک وگھي مري رھيا آھن پر حڪمرانن کي ڪاب شرمندگي ناھي،ھن چيو ت سنڌ جي خوشحالي جو واحد حل زرداري ء سندس ڪمپني مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ م آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو