اسلام (بيورو رپورٽ) عدم اعتماد جي رٿ بابت قومي اسمبلي جي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ گڏيل اپوزيشن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس شهباز شريف جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي وزير اعظم ۽ راڻا ٿناءُ الله کي وزير داخلا چئي مخاطب ڪيو. جنهن تي شهباز شريف چيو ته زرداري صاحب، توهان راڻا ثناءُ الله کي گهرو وزير چئي ايوان کي ڊيڄاري رهيا آهيو. جنهن تي اجلاس ۾ وڏو ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ ميمبرن خوب تاڙيون وڄايون.










