ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص چيو اهي ته ڪنهن کي به زبردستي کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي تفصيل موجب ڊي جي رينجرز سان ٽينر ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي جتي حڪومت جي جاري ڪيل پرمٽ ۽ ضابطئه اخلاق جي پابندي تي عمل يقيني بنائڻ جو عزم ڪيو ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص چيو ته قرباني جون کلون گڏ ڪندڙ هنڌن روانگي جي خاص نگراني ڪئي ويندي ڊي جي رينجرز چيو ته فرقيواريت ۾ ملوث فرد يا پارٽي کي کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي فورٿ شيڊول ۾شامل شخص کي به کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ڊي جي رينجرز چيو تها هڙن عنصرن کان قرباني جون کلون خريد نه ٿي سگهيون وفد ڊي جي رينجرز کي ضابطئه اخلاق جي مڪمل پاسداري جي خاطري ڪرائي وفد عيد جي موقعي تي سيڪيورٽي جي حوالي سان رينجرز پاران ڪيل قدمن کي ساراهيو.










