صالح پٽ (نياز مهر) ڳوٺ غلام رسول شنباڻي ۾ صاڌوشنباڻي پنهنجي برادري جي شخس سان زال زرينا کي ڪارنهن الزام هيٺ تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس ڌيءَ 12 سالن جي شهزادي ماءُ کي ڃڏائي رهي هئي ته پاڻ به گولي جي ور چڙهي وئي. آخري اطلاع آهن ته ٻن عورتن کي قتل ڪري بغير ڪفن ۽ بغير پوسٽ مارٽم جي راتو رات دفن ڪيو ويو آهي. پوليس جي انچارج بشير خان جاگيراڻي سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث صاڌو کي گرفتار ڪيو ويو آهي باقي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس داخل ڪيو ويندو.










