زال گم ٿي وئي آهي ڳولڻ ۾ مدد ڪريو، شير محمد ماڇي

عمرڪوٽ(ڊ ر) زال گم ٿي وئي آهي ڳولا ۾ مدد ڪريو، اهڙو اظهارعمرڪوٽ واسي پورھيت شير محمد وارثن سوڌو پريس ڪلب پُھچي مدد لاءِ اپيل ڪندي ڪيو. هن پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ ايڌي کي اپيل ڪئي ته زال ڳولڻ ۾ سندس مدد ڪن.

عمرڪوٽ شھر جي افغان پاڙي جي رھواسڻ مسمات ڪريمه ماڇي، سندس ڀاءُ شير محمد ماڇي ۽ ٻين پريس ڪلب پُھچي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شير محمد ماڇي جي گھر واري مسمات شريفان ماڇي ھڪ ھفتي کان سندس گھر کان پراسرار نموني گم ٿي ويئي آهي، جنھن جي ڪافي ڳولا باوجود به ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي. اھڙي دانھن اسان حد جي ٿاڻي تي پڻ ڏني آهي پر ڏس پتو نه پئجي نه سگھيو آھي. اسين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته  مسمات شريفان جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو