زال کي وٺڻ لاءِ ويل مڙس کي ساهرن جو ڪٽڪو

زال کي وٺڻ لاءِ ويل مڙس کي ساهرن جو ڪٽڪو

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ برڪت علي چانڊيو) گوزو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مغري جو دڙو ۾ عيد تي ويل زال کي واپس وٺي اچڻ واري  نوجوان ۽ گهر ڀاتين تي سھري ۽ سالن لائق، نور حسين، راھب ۽ ٻين پاران ڏانڊا ھڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين جو چوڻ ھيو ته اسان اڄ صبح گھر ۾ آرامي ھياسين ته لائق، راھب، حسين ۽ ٻيا اسان جي گھر ۾ گھڙي اسان تي حملو ڪري ڏنو جنھن ۾ گوليون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب مسمات بشيران، حڪيم، پنھل، يار محمد سخت زخمي ٿي پيا آھيون. مسمات بشيران ٻڌايو ته منھنجي ان گھر ۾ نياڻي ڏنل آھي منھنجو پٽ پنھنجي گھر واري کي وٺڻ ويو ته اتي موجود لائق، نور حسين، حاجي ۽ ٻين منھنجي پٽ کي ڏانڊا ھڻي رتورت ڪري ڇڏيو اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ انھن کي گرفتار ڪيو وڃي.ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته واقعي جي اين سي گوزو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر ھن وقت تائين پوليس ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آندي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو