زال جي قتل جو ملزم 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل مئجسٽريٽ زال جي قتل الزام هيٺ گرفتار جوابدار عمر ميمڻ کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. بلديا ٿاڻي جي پوليس ڪالهه آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ جي پٽ تي 4 ٻارن جي ماءُ يعني پنهنجي زال قرت العين عرف عيني کي تشدد ڪري مارڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. 15 جولاءِ تي ايريگيشن آفيسر ڪالوني ۾ مبينا طور جوابدار عمر ميمڻ تشدد ڪري پنهنجي زال کي قتل ڪيو هو. بلديا پوليس مقتول ناري قرت العين عرف عيني جي ڀاءُ اسدالله بليدي جي فرياد تي سندس مڙس عمر ميمڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان کين جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو