رڪشا ڊرائيورن جو شهر ۾ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو

رڪشا ڊرائيورن جو شهر ۾ گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر)عادلپور ٽائون ڪاميٽي جي ماهوار ايندڙ لکين روپيا بجيٽ مبينا طور ڪاغذي ڪاروائي ۾ ھڙپ شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو رڪشا ڊرائيورن جو گندگي ۽ مبينا ڪرپشن خلاف ٽائون آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ احسان مهر غلام رسول ڪلوڙ نياز سهتو رفيق ڪلوڙ ذوالفقار مهر ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري روڊن رستن تي گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ٽائون آفيسر کي ڪيترائي ڀيرا آفيس وڃي شڪايتون ڪيون پر ان جي ڪن تي جوئن بہ نٿي چري جڏهن ته احتجاج ڪندڙن الزام لڳائيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي ماهوار ايندڙ لکين روپين جي بجيٽ ڪاغذي ڪاروائي ۾ ھڙپ ڪئي پئي وڃي احتجاج ڪندڙ رڪشا ڊرائيورن نيب اينٽي ڪرپشن ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو تہ ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ جي جاچ ڪرائي شھر اندر صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي ٻي صورت ٽائون انتظاميا خلاف اينٽي ڪرپشن ۽ عدالتن جو درکڙڪائينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو