ريپ بابت وزيراعظم بيان واپس وٺي، سول سوسائٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سول سوسائٽي ۽ عورتن جي حقن بابت تنظيمن طرفان به وزيراعظم عمران خان کان لڄالٽ جي واقعن تي ڏنل بيان واپس وٺڻ جو مطالبو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيما ڪرماڻي، زهره خان، اسد اقبال بٽ ۽ ٻين سول سوسائٽي جي نمائندن چيو آهي ته لڄالٽ واقعن ۽ عورتن جي لباس بابت وزيراعظم جي بيان سان جنسي زيادتي جي واقعن کي هٿي ملندي، جنسي زيادتي بابت پيدا ٿيندڙ غلط تاثر کي هر هنڌ چئلينج ڪيو ويندو، وزيراعظم کان مطالبو آهي ته تڪراري بيان واپس وٺي وزارتِ عظميٰ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏَي.

پهنجو تبصرو موڪليو