رينجرز ۽ سيٺ پاران سيري ۽ باگو ڊهو ۾ مفت ڪيمپ

رينجرز ۽ سيٺ پاران سيري ۽ باگو ڊهو ۾ مفت ڪيمپ

ڪراچي (نمائندن وٽان) شيخ ڀرڪيو لڳ رينجرز وارن مفت طبي ڪيمپ لڳائي جڏهن ته ميرپور ماٿيلو ۾ به مفت اکين جي علاج جي ڪيمپ هنئي وئي. جتي مريضن کي مفت دوائون به ڏنيون ويون. شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب قاسم رينجرس 73 ونگ حيدرآباد جي طرفان يونين ڪونسل سيري جي سرڪاري اسپتال ۾ هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾  رينجرس جي ماهر ڊاڪٽرن ٻارن جي ڊاڪٽرميجر جاويد  چمڙي جي ڊاڪٽر واشديو  عورتن جي بيمارين جي ڊاڪٽرياڻي درخشان  جنرل فزيشن ڊاڪٽرز شيراز ، ڊاڪٽر اسد ۽ ڊاڪٽر ماجد سميت مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن مريضن جو طبي چڪاس ڪئي ۽ مفت دوائون ڏنيون  ان موقعي تي  قاسم رينجرس 73 ونگ جي ڪرنل عزيز ڪيمپ جو دوروڪيو ۽ ڊاڪٽرن ۽ مريضن کان حال حوال ورتا. هنن چيو ته انسان ذات جي خدمت ڪرڻ عين عبادت آهي غربت سبب هن دور ۾ مسڪين غريب ماڻھو وڏين اسپتالن ۽ پرائيوٽ ڊاڪٽرن کان  علاج نٿا ڪرائي سگهن  جنهن ڪري  مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي. جيئن غربن کي گهر ويٺي علاج جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ڊاڪٽر ميجر جاويد موجب هن مفت ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 1400 کان مٿي مريضن جو چيڪ اپ ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون آهن جن مان  ڪجهه مريضن کي حيدرآباد علاج لاءِ موڪليو ويو آهي جتي به سندس علاج مفت ڪيو ويندو  ان موقعي تي يوسي سيري جو  چيئرمين مير اشرف ٽالپر  رينجرس جو انچارج آفيسر انور خان  پ پ يوسي سيري جو صدر خادم ملاح ۽ انفارميشن سيڪريٽري عامر علي حاجاڻو ۽ ٻيا موجود هئا.*** ميرپورماٿيلو مان ظهير وسير موجب ڳوٺ باگو ڊهو ريان آباد ۾  هندو سيٺ وير ڀان پاران مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي، ڪئمپ جو افتتاح گھوٽڪي ضلعي جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مير غلام سرور چاچڙ ڪيو.

ڪئمپ ۾ سکر لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان گھرايل اکين جي ماهر ڊاڪٽرن آس پاس جي ڳوٺن کان ايندڙ 837 مريضن جي اکين جو معائنو ڪري کين چشما ۽ دوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون. جڏهن ته 98 مريضن جي اکين جا آپريشن ڪري لينس پڻ وڌا ويا. ان سلسلي ۾ ڪئمپ جو افتتاح ڪندڙ مير غلام سرور چاچڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي غريب بي بهچ ماڻهن جي اکين جو چيڪ اپ ڪري کين چشما ۽ دوائون ڏيڻ توڙي سندن آپريشن ڪرڻ وارو عمل بهترين عمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو