ميرپورماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير)اسان جو عزم منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ پاڪ رينجرز جي تعاون سان مختلف تنظيمن طرفان منشيات جي روڪٿام لاء ڀٽائي چوڪ کان نثار پمپ تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي پاڪ رينجرز ميرپورماٿيلو جي ڪمانڊر ڪامران قومي امن ڪاميٽي جي اڳواڻن سعدالله ڪورائي ، شيعا علماء ڪائونسل جي مولانا اختر علي اشتري جي يو آئي جي مولانا اسحاق لغاري ۽ ٻين چيو ته اسان جي ملڪ ۾ منشيات ڪيترن ئي نوجوان تباھ ڪيا آهن، نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي اچي پهتو آهي هنن چيو ته اسان جو عزم منشيات کان پاڪ ملڪ صحتمند معاشرو ئي اسان لاءِ سٺو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو ان سان نوجوان نسل پنهنجو مستقبل سنواري سگهي ٿو هنن چيو ته گھوٽڪي جي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر ميرپور ماٿيلو ۾ شراب، گٽڪو، پان، آفيم ۽ چرس جو واھپو نوجوان نسل لاءِ ھاڃيڪار آھي، نشيدار شيون آسانيءَ سان ملڻ جي ڪري نوجوان طبقو تباھي جي طرف وڃي پيو، انھن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۽ ٻين سماجي جڳھين تي گڏجاڻيون ڪري، نوجوان نسل ۾ نشيدار شين جي نقصانن بابت آگاهي ڏني وڃي ۽ نشيدار شين جي واهپي گھٽائڻ ۾ حڪومت پنھنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن منشيات کي روڪي سگهجي.










