واشنگٽن(ويب ديسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ريما خان ڪورونا ويڪسين جو ٻيو ڊوز به هڻائي ڇڏيو ۽ سندس چوڻ آهي ته هو ءَ هاڻي ڪافي خوشي محسوس ڪري رهي آهي. امريڪا ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ رهندڙ ريما خان جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سڀني کي حفاظتي اپاءُ وٺڻ گهرجن. ياد رهي ته پاڪستان م جيتوڻيڪ ڪورونا ويڪسين جو عمل جاري آهي پر اڃا تائين شوبز جي دنيا جي ڪنهن به شخص ويڪسين ناهي لڳرائي.










