ريل گاڏي جي بوگين مان تارون چوري ڪندڙ 4 چور گرفتار

ريل گاڏي جي بوگين مان تارون چوري ڪندڙ 4 چور گرفتار

پڊعيدن (مجاهد شر) ڪراچي کان لاهور ويندڙ عوامي ايڪسپريس ٽرين اندر بوگين مان ڪاپر جون تارون چوري ڪندڙ 4 چورن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ واحد شاه، الطاف حسين، محرم علي، ناصر شاهه شامل آهن جن کي پڊعيدن ريلوي پوليس سڳ سميت گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي پڊعيدن ريلوي ايس ايڇ او ظھور احمد سنڌيار سان ڳالهائيندي  ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڀريا روڊ لڳ ضلعي پوليس جي مدد سان 4 چور گرفتار ڪيا آھن جنهن جو ڪيس پڊعيدن ريلوي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو