ريسٽ هائوس تي رکيل ملازم عذاب بڻيل، آمد رفت معطل

ريسٽ هائوس تي رکيل ملازم عذاب بڻيل، آمد رفت معطل

سيوھڻ شريف (رميز علي سولنگي) قلندر شهباز جي زيارت ڪندڙ ۽ شهر جي روڊن تان گذرندڙ مسافرن کي ريسٽ هائوس تي رکيل ملازم پريشان ڪرڻ لڳا، ھر ايندڙ گاڏي کي وچ روڊ تي غير قانوني طريقي سان روڪڻ سبب ڪافي دير تائين ٽريفڪ به پڻ متاثر رھي ٿي. سيوهڻ ڊگري ڪاليج کان وٺي ڌمال چوڪ روڊ تائين ڪو عزت دار شھري فيملي سان گڏ موٽرسائيڪل تي گذري نٿو سگھي جيڪڏهن غلطي ۾ گذرڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو ته ان کي پرديسي سمجھي ريسٽ هائوسن تي رکيل ملازم پنهنجي جھالت جو مظاهرو ڪندي مختلف قسمن جي آوازن سان گڏ گذرندڙ شھرين جي ڀرسان وڃي واڪا رڙيون پڻ ڪن ٿا. شھرين ايس ايس پي جامشورو ايس ايڇ او سيوھڻ ۽ ريسٽ هائوس يونين جي صدر کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ريسٽ هائوسن جي ملازمن کي پنھنجي حد ۾ رھي ملازمت ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو