ريتي بجري تان پابندي هٽايو، جيئڻ جو حق ڏيو؛ مزدور

ريتي بجري تان پابندي هٽايو، جيئڻ جو حق ڏيو؛ مزدور

مٺي ( لياقت نھڙيو)  ننگر پارڪر ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٺهندڙ سمال ڊيمن جو ڪم بند ٿيڻ ۽ ريتي، بجري ۽ ڪرش تي پابندي عائد ٿيڻ سبب اتي مزدوري ڪندڙ سوين مزدورن جا خاندان فاقاڪشي تي مجبور آهن. بيروزگار ٿيل سوين مزدورن گڏ ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ريلي ۾ ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن آڌيگام، ويراواھ، چڻيندا، سيڙهيون، سانڪڙ، کارسر، موندرو، ڏانوڌانڌل، چوڙيو، ڀوڏيسر، مئو، سوراچند ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن هيرالال ڪولهي ، لياقت سمون، ڪارو ڪولهي، مبارڪ کاڙڪ، جان محمد شورو، عبدالقادر کوکر، صاحب سنگھ ٺڪر، ڪشورلال، ڪائونسلر ڪرشن، ليلارام ڪولهي ۽ ٻين چيو ته سمال ڊيم ننگرپارڪر جي فائدي ۾ آهن جنهن سان پاڻي جي سطح بهتر ٿئي ٿي ان سان گڏ هزارين خاندانن جي مزدوري انهن سمال ڊيمن سان لاڳاپيل آهي. انهن ڊيمن جو ڪم بند ٿيڻ سبب سوين خاندان فاقاڪشي تي مجبور آهن ۽ سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهن. هنن چيو ته ڊيمن ۾ ننڍو پٿر استعمال ٿئي ٿو جيڪو ندين ۽ وهڪرن ذريعي وهي هيٺ اچي ٿو ڪٽائي ڪير به نه ٿو ڪري. ڪارونجهر ڪٽائي وارو اشو ئي بي بنياد آهي جيڪو چند مفاد پرستن پنهنجي مفاد لاءِ شروع ڪيو آهي. ٻئي طرف ريتي، بجري ۽ ڪرش پڻ سرڪار کڻڻ نه پئي ڏي جنهن سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي. هنن وزيراعليٰ سنڌ، وزيرِ معدنيات، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سمال ڊيمن جو بند ٿيل ڪم ٻيهر شروع ڪرڻ سان گڏ ريتي ، بجري ۽ ڪرش تان پابندي ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو