بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني سائنسدانن هڪ انتهائي تيز رفتار اينالاگ چِپ تيار ڪئي آهي، جيڪا جديد سائنسي ڪم ۽ مصنوعي ذهانت (AI) لاءِ پيچيده رياضي جا مسئلا حل ڪرڻ جي قابل آهي، جڏهن ته اها روايتي ڪمپيوٽرن جي ڀيٽ ۾ گھٽ توانائي استعمال ڪري ٿي. اهڙو اعلان نيچر اليڪٽرانڪس نالي جرنل ۾13 آڪٽوبر تي شايع ٿيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ ڪيو ويو آهي. بيجنگ يونيورسٽي جي محققن پاران تيار ڪيل هي اينالاگ ڊوائيس اهڙين ميموري چِپس تي ٻڌل آهي جيڪي مزاحمتي مواد (resistive materials) مان ٺاهيون ويون آهن. ٽيم موجب، مستقبل ۾ ان ۾ بهتري آڻڻ کان پوءِ هي چپ اهڙي حساب ڪتاب جي رفتار سان ڪم ڪري سگهندي جيڪا جديد ترين ڊجيٽل پروسيسرز جهڙوڪ Nvidia H100 GPU کان هزار ڀيرا وڌيڪ تيز هوندي. ”درستگي (Precision) هميشه کان اينالاگ ڪمپيوٽنگ ۾ مرڪزي رڪاوٽ رهي آهي،“ پر هن تيار ڪيل چپ ۾ اهو مسئلو به حل ڪيو ويو آهي.










