رياست خلاف سازش ناڪام ٿيندي يا ڪامياب

رياست خلاف سازش ناڪام ٿيندي يا ڪامياب

تحرير سيد زوار حسين شاهه                                   

پاڪستان جي صورت حال بگڙندي پئي وڃي جنهن کان پوء نه صرف عوام پريشان آهي پر رياست پاڪستان جا  تمام اداره به پريشان آهن ان سان گڏ جنهن طرح سان پاڪستان اندر ئي پاڪستاني شهري پاڪستان جي ادارن خلاف به گٿا لفظ ڳالهائي رهيا آهن جنهن کان پوء مان سمجهان ته ملڪ لاء اهو بهتر ناهي  نفرت وڌندڙ سان پاڪستان جي سالميت کي نقصان رسي سگهي ٿو ان ڪري بهتر اهو آهي ته  ائين نه ٿيڻ گهرجي اهو ممڪن تڏهن ٿيندو جڏهن اسان به  عوام جي بنيادي حقن  جو خيال رکون پاڪستان آزاد ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين عوام وڏي اذيت مان پيو گذري نه تعليم بهتر نه صحت بهتر  نه امان امان جي صورت حال بهتر آهي  سن اندر نياڻين سميت معصوم ٻارڙن سان جنسي حيوانگي بعد قتل ٿيڻ جا واقعه به اسان جي اڳيان آهن   عام ماڻهن جو غائب ٿيڻ به اسان جي اڳيان آهي اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن مٿان به ڪنهن قسم جا به الزام آهن ته انهن کي عدالت سڳوري ذريعي سزائون ڏنيون وڃن اسان به ڪڏهن نه چاهينداسين ته  پاڪستان خلاف پاڪ آرمي خلاف يا نيب سميت ٻين ادارن خلاف ڪو به نازيبان زبان استعمال ڪري سنڌ هن وقت منهنجي نظر ۾ڄڻ يتيم خانو آهي جيڪو چڙي ٿو اهو سنڌ ڏانهن رخ ڪري سنڌ جي اصل وارثن کي اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشس پيو ڪري جڏهن ته هن وقت به غير قانوني رهندڙ پٺاڻ هجن يا ٻيا هجن اهي هن وقت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن  ان سان گڏ  غريب عوام  جيڪو پهريان کان ئي وڏي اذيت مان گذري رهيو هو ان مٿان وري مهنگائي جا بم ڪيرائي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشس ٿي رهي آهي  ڪوئيٽه بلوچستان مچ ۾ جيڪو هزاراه ڪميونٽي سميت ٻين کي پڪڙي ڳولهي ڳولهي بي گناهه شهيد ڪيو ويو جنهن بعد سڄو ملڪ 6 ڏينهن بلاڪ رهيو عام ماڻهن کي ته تڪليف پهتي هوندي پر اربين روپين جو معيشت کي به نقصان پهتو آهي  ان ڪري اسان کي هاڻ به وقت وڄائڻ نه گهرجي. حڪومت واضح ڪيو آهي ته مخالف ڌر بي شڪ احتجاج ڪري پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، عمران خان ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، مدرسن جي شاگردن کي ڀڙڪائڻ لاءِ اشتعال انگيز نعرا نه هنيا وڃن، موجوده اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪرائي ئي ناهي ته احتجاج جو ڪهڙو سبب آهي مخالف ڌر ڪنهن اداري جي توقير تي سلامت رهڻ ڏي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد طرف نه پر اسلام جي طرف ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزيرن خميس ڏينهن هتي گهرو وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته وزيرن جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي اعلان موجب مديني جي رياست طرز تي ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، اسان ديني قوتن جو احترام ڪريون ٿا ۽ مدرسن کي اسلام جو قلعو ۽ مينار سمجهون ٿا، هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ 560 مدرسا آهن جنهن مان صرف 92 رجسٽرڊ آهن، وزيرن جي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جڏهن ته قانون واري وزير فروغ نسيم به اهم قانوني مشورا ڏنا آهن، هن چيو ته 19 جنوري تي مخالف ڌر پارٽيون اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج لاءِ اچي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن ان تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته ان جو ڪو جواز نه آهي، جنهن اسيمبلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهن ان اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو به وٺي رهيا آهن، چونڊ سڌارن طرف نٿا اچن، گهرو وزير چيو ته مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ به مخالف ڌر حصو وٺندي، اسان اميد ڪريون ٿا ته مخالف ڌر امن امان جو مسئلو پيدا نه ڪندي، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي امن جي خواهش کي خراب نه ڪيو ويندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي مشاورت سان ئي جوڙي وئي هئي، گذريل اليڪشن ان اليڪشن ڪميشن ناهن ڪرايا ان لاءِ ان جي خلاف احتجاج جو ڪو به جواز ناهي، مخالف ڌر اڳواڻ هر اداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن، ڪنهن اداري جي وقار کي ته سلامت رهڻ ڏيو، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته مخالف ڌر شروع ۾ چيو هو ته ڌانڌلي جي جاچ نه ڪئي وئي ته اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين، پوءِ جڏهن ڪميٽي ٺهي ته ٻن اجلاسن کانپوءِ اهي ڪميٽي مان گم ٿي ويا، مخالف ڌر کي گهربو هو ته ڪميٽي ۾ اچي ڌانڌلي جا ثبوت ڏي ها ۽ رڪارڊ فراهم ڪري ها پر بنا ثبوت جي الزام لڳايا ويا، اها ڪميٽي اڃان به موجود آهي جنهن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ هن ڪڏهن مون کي خط ناهي لکيو، نه ڪنهن جو رڪارڊ ڏئي رهيا آهن، صرف افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند کيڏي رهيا آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هو هڪ دفعو ٻيهر پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي درخواست ڪريون ٿا ته هو پاڻ سان گڏ ثبوت کڻي اچن، رسيدون، شناختي ڪارڊ ۽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ کڻي اچن، صرف ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ گڏ نه ٿين، اليڪشن ڪميشن کي ضروري ثبوت فراهم ڪريو. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي پر سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته هر جاءِ تي ڌرڻو ۽ احتجاج نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن مخالف ڌر آئين ۽ قانون کي مڃي ٿي ته سپريم ڪورٽ جو اهو حڪم تسليم ڪري ۽ جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته قانون جي دائري ۾ رهي ڪيو وڃي، قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ سٺو ۽ ذميدار شهري هجڻ جو ثبوت ڏين. جيڪڏهن قانون هٿ ۾ کنيو ته قانون پنهنجو رستو وٺندو، هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته مولانا فضل الرحمان عالم دين آهي، هو اسلام آباد طرف نه پر اسلام جي طرف ڏسي، مدرسن جي شاگردن ۾ تاءُ پکيڙيو پيو وڃي ۽ ختم نبوت جي آڙ ورتي پئي وڃي، آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ختم نبوت لاءِ جڏهن ۽ جتي جلسو ڪرڻ چاهيو ضرور ڪريو، آئون ختم نبوت جو سپاهي آهيان، مولانا فضل الرحمان ختم نبوت لاءِ ڪڏهن جيل ناهي ويو، اسرائيل جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته دنيا اٿلي پوي پر عمران خان ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري سگهي ، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ماڻهن جا فنگر پرنٽس، شناختي ڪارڊ ۽ ضروري دستاويز پيش ڪيا ويا آهن، پيپلزپارٽي جون ان ڪيس تي صحيحون ناهن، مسلم ليگ (ن) صرف الزام لڳايا آهن ثبوت ناهن ڏنا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مدرسن جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري ۽ گهرو وزير تي ٻڌل ڪميٽي ٺهيل آهي، اسان مدرسن سان رابطي ۾ آهيون، مدرسا اسلام جو قلعو آهن ۽ اسان مدرسن جو وڏو احترام ڪريون ٿا پر مدرسن کي سياست لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، سياست بند گلي ۾ اچڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياست بند گلي مان نڪري ميدان ۽ چوراهن ۾ اچي وئي آهي، اسان جا اعصاب مضبوط آهن، اسان کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي، وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنج سال پورا ڪندي، رياست پاڪستان جي تمام ادارن کي به عوام سان پيار سان پيش اچڻ گهرجي ، جيڪڏهن عوام جا مسئلا حل نه ٿيا ته پوء اڃان به صورت حال خراب ٿيندي ڏسي رهيو آهيان ، ان ڪري ٿين اهو گهرجي ته  پاڪستان جي  عوام جو احترام ڪرڻ گهرجي ، جيڪڏهن ڪوئي ادراو ڪوئي به ملڪ جو سربراهه ڪنهن کي خاموش ڪرائڻ جي بنا جواز ڪوشش ڪندو ته پوء لازمي عوام آواز بلند ڪندو جيڪو هن ملڪ لاء بهتر ناهي ، مان سمجهان ٿو ته پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن پاڪ دشمن قوتون ملڪ اندر حالات خراب ڪري پاڪستان کي ترقي ٿيڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش آهي ، جنهن کي به گڏجي ناڪام بنائڻو پوندو ، جيڪڏهن هاڻ به اسان دشمنن کي سڃاڻي نه سگهياسين ته پوء تمام وڏو نقصان ٿيندو ، سوال ٿو پيدا ٿئي ته سازش ڪامياب ٿيندي يا ناڪام ، بس وقت جو انتظار ڪرڻو آهي   

پهنجو تبصرو موڪليو