روڊ ۾ کڏا پئجي ويا، خلق پريشان، روڊ جي مرمت ڪرايو

روڊ ۾ کڏا پئجي ويا، خلق پريشان، روڊ جي مرمت ڪرايو

ٻيلو شھر(رپورٽ : شعيب الرحمان ميمڻ)ٺٽو روڊ وايه دمدمون جي زبون حالت آھي  روڊ جي  گذريل 20 سالن کان ڪابه مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ ھنڌان هنڌان اکڙي ويو روڊ ۾ ٻن کان ٽن فوٽن جا کڏا پئجي ويا  آھن روڊ تي پٿرن جا ڍير ٿي ويا آھن ڪنهن به مهل وڏو حادثو پيش ٿي سگهي ٿو. روڊ ۾ کڏا پئجي وڃڻ ڪري روڊ تان گاڏين جو هلڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آھي گاڏين جي مالڪن ۽ گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن جو چوڻ آھي ته روڊ جي خراب حالت سبب گاڏيون هلائڻ انتهائي مشڪل آھي گاڏيون تباھ ٿي ويون آھن هر روز گاڏين جو ڪو نه ڪو پرزو ٽٽيو وڃي ٿو گاڏيون ٺھرائي ٺھرائي ٿڪي پيا آھيون  ٻيلو شھر دڙو ٻنون شھرن سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ  ڳتيل آبادي جي عوام جو  بيمارين جي حالت توڙي مختلف ڪم ڪارين سانگي مڪلي ٺٽو ڪراچي حيدرآباد  ۽ ٻين شھرن طرف وڃڻ جو واحد ذريعو ٻيلو دمدمون روڊ آھي پر روڊ جي خراب حالت هئڻ ڪري هتان جي رهواسين کي ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي هتان جي سماج سڌارڪن معز ميمڻ خداڏنو سمون اڪرم خاصخيلي ۽ ٻين اعلي اختيارين کان روڊ ٺھرائي ڏيڻو جو مطالبو ڪيو آھي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو