گهوٽڪي/ عادلپور )نمائندن وٽان) گهوٽڪي ضلعي ۾ ٻن ڌار ڌار پيش آيل واقعن ۾ هڪ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. عادلپور مان اسلم مهر موجب لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ ڊاسٽن ۾ ٽڪر سبب ٺڪراٺي واسي 40 ساله پير بخش ملڪ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش عادلپور پوليس گهوٽڪي جي تعلقه اسپتال کڻائي آئي جنهن بعد لاش جي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن عادلپور پوليس ڊاسٽن ڊرائيور نظر محمد ملڪ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڇڏيو. ٺڪراٺي مان حضرت گل موجب فوتي گهٽي ملڪ ڳوٺ جو رهواسي هو جنهن جو لاش ڳپوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مرحوم کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.*** گهوٽڪي مان سليم ڪلهوڙو موجب سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت فقير لکڻ ۾ رات دير سان مينھن جي چوري جي ارادي سان هٿياربند چور گهر اندر داخل ٿيا جنهن بعد گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا چورن سان مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ۾ گھر ڌڻي شھزادو لکڻ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، ٻئي طرف چور مينھن ڇڏي فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي نيو ويو پر انتظاميه کين سکر اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو جنهن بعد نوجوان کي سکر سول اسپتال داخل ڪرايو ويو جتي سندس علاج جاري آهي، جڏهن ته ڀاڳين طرفان چورن جا پيرا لُڍڻ ٻيلي ۾ وڌا ويا آهن، واقعي جي رپورٽ سرحد ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.










