روهڙي(ن سنڌيار)ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو اهي ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي جتي جتي ٿڪيو اتان هاڻي هو پاڻ چٽي رهيو آهي ان جي پٺيان هلندڙ ماڻهن سان اسان کي همدردي آهي، يهودين جو ناٺي هو آهي اسان نه آهيون ٽرين آپريشن مڪمل بحال ٿيڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳي سگهن ٿا جڏهن ته فريڊ آپريشن 8 کان 10 ڏينهن ۾مڪمل بحال ٿي ويندو روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ٻوڏ متاثر ٽريڪ کي ڏسڻ لاءِ روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ڪنهن عدالتي فيصلي تي تبصرو نه ڪندس پر رياست کي سڀني لاءِ هڪ رويو رکڻو پوندو خواجه سعد رفيق چيو ته ٽرين آپريشن معطل ٿيڻ سان ريلوي کي روزانو 15 کان 16 ڪروڙ رپيا نقصان ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڏٺووڃي ته تاريخ ۾ ريلوي وڏا بحران ڏٺا آهن پر هن قسم جو هي پهريون بحران آهي هن ۾ اسان ماڻهن جون حياتيون خبري ۾نٿا وجهڻ چاهيون فريٽ ترين روهڙي کان پشاور وڏي مشڪل سان آپريشن شروع ڪيو آهي جڏهن ته ايم ايل ون جو ايريا گهڻو متاثر اهي دورو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون اتي جيڪو مناسب هوندو فيصلو ڪنداسين وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون تي پاڪ فوج ۽ صوبائي حڪومتجي سهڪار سان ان جي بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي ٻوڏ متاثرن جو ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ وارو آهي. اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي جنهن کي منهن ڏيڻلا3 قومي رٿابندي جي ضرورت آهي خدمت جي جذبي جي ضرورت آهيا سانکي پنهنجي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو هن چيو ته (ن) ليگ جي قيادت جلد متاثرن لاءِ فلڊ رليف مهم شروع ڪندي ۽ جلد سوين امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ متاثر علائقن ۾اماڻيا ويندا.










