روهت شرما گهڻو وقت ڪپتان نه رهي سگهندو: حفيظ

روهت شرما گهڻو وقت ڪپتان نه رهي سگهندو: حفيظ

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هو نروس آهي ۽ تمام گهڻو دٻاءُ ۾ آهي، مونکي نٿو لڳي ته هو گهڻو وقت ڪپتاني ڪري سگهندو.روهت شرما جي باري ۾ ڳالهائيندي حفيظ چيو ته روهت شرما جنهن کي اسان ڏٺو ۽ ڄاڻون ٿا اهو اهڙو ناهي جو هو ڪپتان ٿيڻ کانپوءِ پريشان نظر اچي رهيو آهي.هن چيو ته روهت شرما تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي جنهن سبب هو پريشان نظر اچي رهيو آهي، هڪ طرف هو پنهنجي وڃايل فارم ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهي ته ٻئي طرف ٽيم جي ڪپتاني جو دٻاءُ آهي.حفيظ جو چوڻ هو ته روهت شرما جي ٽيم هانگ ڪانگ خلاف 40 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي پر ان فتح باوجود ڪپتان تي دٻاءُ جا اثر واضح آهن ۽ هو هاري نظر اچي رهيو آهي.اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته روهت شرما جي نروس ۽ پريشر کي ڏسندي مان سمجهان ٿو ته هو گهڻو وقت ڪپتان نه رهي سگهندو، جيتوڻيڪ هن وٽ اڃا ڪرڪيٽ ڇڏي آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ان بابت ڪو فيصلو ڪيو وڃي.واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ سپر 4 مرحلي ۾ ڀارت پنهنجو ميچ آچر تي پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي فاتح ٽيم سان کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو