روس ۽ چين جي وڌندڙ لاڳاپن تي ڪو به خدشو ناهي: ٽرمپ

روس ۽ چين جي وڌندڙ لاڳاپن تي ڪو به خدشو ناهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چين ۽ روس جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي.چيني صدر شي جن پنگ جي اڳواڻي ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب سربراهي اجلاس کان پوءِ آمريڪي صدر چيو ته روس ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپا سندس لاءِ پريشاني جو سبب نه آهن.ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن چين ۽ روس جي شموليت سان آمريڪا جي خلاف اتحاد ٺهي ٿو ته کيس ان بابت به ڪا ڳڻتي ناهي.آمريڪي ريڊيو پروگرام ۾ ڳالهائيندي صدر ٽرمپ يوڪرين جي تڪرار بابت ڳالهائيندي چيو ته هو يوڪرين جي تڪرار تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن کان مايوس آهي پر چين ۽ روس جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن بابت کيس ڪا به ڳڻتي ناهي.هن چيو ته هو يوڪرين جي جنگ کان متاثر ٿيندڙن جي جان بچائڻ لاءِ قدم کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو