روس سان تڪرار ختم ٿيڻ تائين يوڪرين نيٽو ۾ شامل نه ٿيندو

روس سان تڪرار ختم ٿيڻ تائين يوڪرين نيٽو ۾ شامل نه ٿيندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا واضح ڪيو آهي ته روس سان تڪرار ختم ٿيڻ تائين يوڪرين نيٽو ۾ شامل نه ٿيندو.روسي ميڊيا موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته يوڪرين کي ويجهي مستقبل ۾ نيٽو جو ميمبر نه بڻايو ويندو، جنگ ختم ٿيڻ تائين اهو ممڪن ناهي، يوڪرين جي صدر زيلنسڪي به ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته نيٽو ملڪن جون ذميواريون وڌيڪ آهن. ليتوانيا ۾ اتر ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (ناتو) جي اجلاس ۾، جي 7 قومن اهو واضح ڪيو ته يوڪرين جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي جيستائين ضرورت هجي ۽ روسي اثاثا منجمد رهندا جيستائين ماسڪو معاوضي ادا نه ڪندو. نيٽو جي ٻن ڏينهن واري اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ جي 7 ملڪن هڪ محفوظ، خودمختيار، جمهوري ۽ خودمختيار يوڪرين جي اسٽريٽجڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته يوڪرين جي سلامتي يورو ائٽلانٽڪ خطي جي سلامتي آهي.هن واضح ڪيو ته يوڪرين کي ترجيحي بنيادن تي روس خلاف فورس ۽ ڊگهن رينج جا هٿيار ڏنا ويندا، دفاعي صنعت کي مضبوط ڪيو ويندو ۽ ڪيف سان ڳجهي معلومات جي مٽا سٽا به ڪئي ويندي.يوڪرين جي فوج سان گڏ تربيتي ۽ گڏيل مشقون ڪيون وينديون، جڏهن ته ٻيا ملڪ جڏهن چاهين G7 جي پڌرنامي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.اعلان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته يوڪرين، بدلي ۾، اتحادين جي سيڪيورٽي ۾ ڪردار ادا ڪري، اعلان موجب يوڪرين پنهنجي دفاعي صنعت کي جديد بڻائيندو، هٿياربند فوجن تي جمهوري شهري ڪنٽرول کي مضبوط ڪندو.نيٽو جي سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ چيو ته يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت تڏهن ڏني ويندي جڏهن سمورا اتحادي ملڪ ان حوالي سان شرطن تي عمل نه ڪندا.روسي صدارتي ترجمان پيسڪوف خبردار ڪيو آهي ته جي 7 ملڪن جي هن قدم جا انتهائي ناڪاري نتيجا نڪرندا.روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين کي ايف 16 جهاز نه ڏنا وڃن ۽ اهو قدم روس ۽ نيٽو وچ ۾ سڌي جنگ ڀڙڪائڻ جي برابر هوندو.لاروف چيو ته ايف 16 جهاز ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ان ڪري آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس کي چيو ويو آهي ته ايف 16 جي حوالي سان ڪا به آڇ قبول نه ڪئي ويندي ڇو ته روس ان کي جنگ جي حالت ۾ ناهي ڏٺو. ايف 16 جهاز ايٽمي هٿيارن سان ليس آهن يا نه؟هن چيو ته اهو قدم اولهه طرفان روس تي ايٽمي حملي جي خطري طور ورتو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو