ڪراچي(ويب ڊيسڪ)روس پاران 24 فيبروري تي يوڪرين تي حملي کانپوءِ آمريڪا ۽ يورپي يونين روس تي ڪاروباري پابنديون مڙهيون آهن، بئنڪ اڪائنٽ منجمند ڪيا آهن پر هاڻي انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز به ان تي پابنديون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. رائٽرز موجب يوڪرين تي حملن کانپوءِ فيس بڪ روسي ميڊيا جي مانيٽائيزيشن کي ختم ڪندي انهن تي ڪنهن به قسم جا اشتهار هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. فيس بڪ پڻ ڪيترن ئي روسي رياستي براڊڪاسٽرن تي جزوي پابندي لاڳو ڪئي آهي ته هو پنهنجي ويب سائيٽ تي مواد شيئر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. نئين پابندين تحت روسي نشرياتي ادارا ۽ سرڪاري ادارا ۽ فرد تشدد ۽ جنگ سان لاڳاپيل مواد شيئر نه ڪري سگهندا.










