روس جو چيني شهرين لاءِ بغير ويزا داخلا جو اعلان، چين پاران ساڳي سهولت

روس جو چيني شهرين لاءِ بغير ويزا داخلا جو اعلان، چين پاران ساڳي سهولت

ماسڪو/بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) روس چيني شهرين لاءِ بغير ويزا ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، روسي وزير خارجه ۽ لاڳاپيل اميگريشن اختيارين موجب اها سهولت 15 سيپٽمبر 2025 کان لاڳو هوندي ۽ ابتدائي طور هڪ سال لاءِ فراهم ڪئي ويندي. رپورٽ موجب هن فيصلي جو مقصد روس ۽ چين جي وچ ۾ سياحت، واپاري لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي ڏي وٺ کي ترقي ڏيڻ آهي. روسي حڪومت واضح ڪيو آهي ته چيني شهرين کي مقرر مدت تائين بغير ويزا روس ۾ قيام جي اجازت حاصل هوندي.چيني وزارت خارجه پڻ اعلان ڪيو آهي ته روسي شهرين لاءِ به اهڙي ئي سهولت فراهم ڪئي ويندي. عام پاسپورٽ رکندڙ روسي شهري هاڻ چين ۾ بغير ويزا جي داخل ٿي 30 ڏينهن تائين رهي سگهن ٿا. سفارتڪارن ۽ تجزيه ڪارن موجب ٻنهي ملڪن جو هي گڏيل قدم نه صرف ٻه طرفي اعتماد وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو پر تجارتي لاڳاپن ۽ سفارتي رشتن کي نئين استحڪام به فراهم ڪندو. ان سان گڏ علائقي ۾ عوامي لاڳاپن ۽ سياحتي سرگرمين ۾ مثبت اڳڀرائي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو