روسي فوجن جو يوڪرين جي شهر ڪريمنا تي قبضو

روسي فوجن جو يوڪرين جي شهر ڪريمنا تي قبضو

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي فوجن يوڪرين جي شهر ڪريمنا تي قبضو ڪري ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب روسي فورسز يوڪرين تي تازي حملي کانپوءِ اوڀر يوڪرين جي شهر ڪريمينا تي قبضو ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ يوڪريني فوج شهر مان واپس هلي وئي.ڪريميا جي گورنر شهر تي روسي قبضي جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اوڀر يوڪرين جي شهر ڪريمينا جي آبادي روسي حملي کان اڳ 18 هزار هئي، جڏهن ته ڪريمينا پهريون شهر آهي جنهن تي روس جي قبضي کانپوءِ اوڀر يوڪرين جي ڊونباس علائقي تي تازو روسي حملي کانپوءِ قبضو ڪيو ويو. ”شهر هاڻي روسي قبضي هيٺ آهي ۽ ان جون فوجون شهر ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، اسان جون دفاعي قوتون پوئتي هٽي ويون آهن ۽ هنن روسي فوج سان وڙهڻ لاءِ نئين جاءِ تي پوزيشنون سنڀالي ورتيون آهن،“ ڪريملن جي گورنر چيو. گورنر ڪريمنا شهر تي روسي قبضي جي تاريخ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ”روسي فوج شهر تي هر طرف کان حملو ڪيو، جنهن ڪري شهرين سميت مارجي ويلن جي تعداد جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي، پر اسان وٽ 200 جي تصديق ٿيل موت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو