ڪيف(ويب ڊيسڪ)روسي فوج يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ شهر جي گهٽي گهٽي ۾ لڙائي جاري آهي. ايئرپورٽ لڳ گهڻ ماڙ عمارت تي روسي فوج ميزائيل هنيا آهن، ڏيڍ لک آبادي وارو شهر ميليٽوپول تي روسي فوج قبضو ڪري ورتو آهي. يوڪرين جي صدر تازي ٽوئيٽ م چيو آهي ته روسي فوج جو نمبر ون ٽارگيٽ مان آهيان، مان پنهنجي جنم ڀومي جي دفاع لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس، ملڪ نه ڇڏيندس. مون فرانسيسي صدر سان ڳالهايو آهي هن هٿيارن جي کيپ موڪلي آهي جيڪا جلد پهچڻ واري آهي.
ان کان اڳ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته روسي فوج ايندڙ ڪلاڪن ۾ راڄڌاني ڪيف تي حملو ڪندي. هن آمريڪا پاران کيس ملڪ مان ڪڍڻ واري آڇ رد ڪندي چيو آهي ته مونکي هٿيار کپن مزاحمت لاءِ، ڀڄڻ لاءِ فلائيٽ نه گهرجي. روسي فوج گادي واري شهر جي ويجهو پهچي وين آهن، يوڪرين حڪومت 18 هزار شهرين کي هٿيار ڏنا آهن جيڪي يوڪريني فوج سان گڏ روسي فوج جي مزاحمت ڪري رهيا آهن. يوڪريني صدر يورپ ۽ نيٽو تي ڪاوڙ ڪندي چيو آهي ته هو ڄاڻي واڻي دير پيا ڪن. هوڏانهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ جاري آهن. جاپان جي سهر ٽوڪيو ۾ روسي حملي خلافاحتجاج ڪيو ويو.
نيٽو مدد جا علان ته ڪري ٿو پر ساڳئي وقت سندن اهو به چوڻ آهي ته يوڪرين سندن تنظيم جو ميمبر ناهي ان ڪري روسي فوج جي مزاحمت نٿا ڪري سگهون. ڪيف جي ٻاهران روسي فوج يوڪرين جي فوجي اڏي تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ بمباري جاري آهي. ڪيف ۾ داخل ٿيڻ تي روسي فوج کي سخت مزاحمت سبب پوئتي هٽڻو پيو آهي.يوڪرين جي پاڙيسري ملڪ رومانيا جا ڪيترائي شهري گاڏيون بارڊر تي کڻي بيٺا آهن ته يوڪريني پناهگيرن کي محفوظ مقام تي وٺي وڃن.
ڪيف جي ميئر خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ رات يوڪرين جي راڄڌاني لاءِ ڏاڍي ڏکي ٿيڻ واري آهي.ٻئي پاسي ورڪرين روسي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جي فوجين کي ملڪ جي قيادت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪا، يورپي يونين، برطانيه ۽ ڪينيڊا سڀني پوتن تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن. روس کي چيمپئنز ليگ فائنل، 2022 يوروويزن گانا مقابلو ۽ F1 گرينڊ يڪس جي ميزباني کان خارج ڪيو ويو آهي.










