روبوٽ ذريعي انسان کي قيد ڪرڻ جو دنيا جو انوکو واقعو

روبوٽ ذريعي انسان کي قيد ڪرڻ جو دنيا جو انوکو واقعو

ڪيو(ويب ڊيسڪ)يوڪرين روبوٽ ذريعي روسي فوجين کي قيد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ۽ دنيا ۾ اهو پهريون واقعو آهي ته مشين انسان کي قيدي بڻايو آهي. يوڪرين جي فوجي ترجمان چيو آهي ته ڊرون ۽ روبوٽ استعمال ڪندي روسي فوجين کي قيدي بڻايو ويو آهي. هي واقعو اوڀر يوڪرين جي خارڪيو علائقي ۾ ٿيو، جيڪو فرنٽ لائين تي خودڪار نظامن جي استعمال جو تاريخي لمحو بڻجي ويو آهي. هي آپريشن يوڪرين جي ٿرڊ اِيليٽ برگيڊ پاران ڪيو ويو، خاص طور تي ان جي تجربيڪار ڊرون ڪمپني “DEUS EX MACHINA” پاران سرانجام ڏنو ويو . برگيڊ جي سرڪاري بيان مطابق، هن حملي ۾ FPV (فرسٽ پرسن ويو) ڪاميڪازي ڊرون ۽ گرائونڊ روبوٽڪ ڪمپليڪسز (GRCs) جو استعمال ڪيو ويو، جيڪي اڳي انساني حملي کي ناڪام ڪندڙ روسي مورچن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. حملي جي شروعات هڪ ڪاميڪازي زميني روبوٽ روسي بنڪر تي حملو ڪري ڪئي، جنهن جي ڌماڪي کان پوءِ بچيل روسي فوجين هٿيار ڦٽا ڪري ڏنا، ڇو ته ٻيو روبوٽ به سندن پوزيشن ڏانهن وڌي رهيو هو. برگيڊ ٽيليگرام تي چيو آهي ته: ”جيئن ئي ايندڙ روبوٽ تباهه ٿيل بنڪر وٽ پهتو، دشمن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.“ بعد ۾، قيد ٿيل فوجين کي ڊرون ذريعي لائيو وڊيو فيڊ جي مدد سان يوڪرين جي لائين تائين رهنمائي ڪري آندو ويو.

Ukrine Militarry Robot which compels Russian Human soldiers to surrender.

”اهو جديد جنگي تاريخ جو پهريون تصديق ٿيل حملو آهي، جيڪو مڪمل طور تي غير انسان اوزارن ذريعي ڪيو ويو،“ انهن وڌيڪ چيو ته ”اهي پوزيشنون، جيڪي اڳ ٻه ڀيرا ويجهن يونٽن پاران ورتيون نه ويون، هاڻ Triple جي روبوٽن پاران ٻيهر حاصل ڪيون ويون“ Triple هن بريگيڊ جو سڏ ڪوڊ آهي. حملي دوران ڪو به يوڪرين جو فوجي جسماني طور موجود نه هو، جيڪو بي انسان نظامن جي وڌندڙ استعمال کي ظاهر ڪري ٿو. حالانڪه، يوڪرين ان مشن جي صحيح جڳهه يا قيد ٿيل روسي اهلڪارن جي تعداد ظاهر نه ڪئي آهي، پر ان جي علامتي اهميت جنگي ميدان تي ان کان به وڌيڪ وزن رکي ٿي.
ڊرونز ذريعي جديد جنگ
زميني جنگ ۾ غير انساني نظامن جو استعمال نئون ته ناهي، پر انهن جو خودمختيار يا اڌ خودمختيار استعمال گهڻو ڪري رڳو مددگار ڪمن تائين محدود رهيو آهي. جيئن جاسوسي، رسد، يا ڌماڪيدار مواد جي صفائي. يوڪرين جو هي آپريشن پهريون اهڙو واقعو آهي، جتي غير انسان نظامن سڌو حملي ۾ڪردار ادا ڪيو، انسان فوجين کي قيدي بڻايو آهي. يوڪرين پنهنجي جاري ٻن سالن واري جنگ دوران ڊرون ۽ روبوٽڪ پروگرامن کي تيزيءَ سان وڌايو آهي. روايتي هٿيارن ۽ فوجي طاقت جي کوٽ جي باوجود، يوڪرين گهٽ قيمت وارا FPV ڊرون، خودمختيار زميني گاڏيون، ۽ AI تي هلندڙ هٿيار وڏي پيماني تي استعمال ڪيا آهن، جيڪي جاسوسي، دشمن کي روڪڻ، ۽ هاڻ سڌو حملي ۾ به ڪامياب رهيا آهن. DEUS EX MACHINA يونٽ جي ڪاميابي ظاهر ڪري ٿي ته جديد جنگي حڪمت عملين ۾ هاڻ بي انسان نظام هڪ نئين باب جي شروعات ڪري رهيا آهن، خاص طور تي اهڙن علائقن ۾ جتي انساني جانيون گهڻيو ضايع ٿين ٿيون ۽ روايتي ڪاميابيون گهٽ ملن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو