رنگ روڊ اسڪينڊل ذوالفي بخاري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزير اعظم جي خصوصي معاون ذوالفقار بخاري رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ ٽويٽ پيغام ۾ ذوالفقار بخاري چيو ته پاڪستان ۾ ئي رهندس ۽ هر قسم جي جاچ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته رنگ روڊ يا ڪنهن به ريئل اسٽيٽ جي منصوبي سان منهنجو ڪو تعلق ناهي. ذوالفقار بخاري معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزير اعظم جو ويزن آهي ته جنهن مٿان الزام هجي اهو عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، ان ئي ويزن تحت استعيفيٰ ڏيئي مثال قائم ڪري رهيو آهيان

پهنجو تبصرو موڪليو