دبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پاڪستاني فائيٽر شاهزيب رند کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڇا توهان هر هنڌ پنهنجي مخالف کي 20، 20 سيڪنڊن ۾ ناڪ آئوٽ ڪندا آهيو. دبئي ۾ پاڪستان جي شاهزيب رندڪراٽي ڪامبيٽ ۾ 45 ڪلوگرام جي ڪيٽيگري ۾ ڀارت جي رانا سنگهه کي 20 سيڪنڊن ۾ مات ڏئي ڇڏي. فائيٽ شروع ٿيندي ئي شاهزيب رند پنهنجي مخالف تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري ڇڏيو ته رانا سنگهه ڪري پيو ۽ ريفري کيس ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ قرار ڏنو.










