لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد چيو آهي ته چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) رميز راجا کي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. تازو ئي جاري ڪيل بيان ۾ عاقب جاويد رميز راجا جي حوالي سان چيو ته هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ۽ سٺي نموني عهدو ڇڏي ڏي.”اها ڳالهه ناهي ته توهان ڪرڪيٽر آهيو يا نه، اتي انتظامي طاقت هجڻ گهرجي،“ هن چيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته اڄ تائين ائين نه ٿيو آهي ته پيٽرن اينچيف تبديل ٿيو هجي ۽ چيئرمين هلي رهيو هجي، رميز راجا جنهن طريقي سان عمران خان جي کليل حمايت ڪري رهيو هو ان مان لڳي نٿو ته هو عمران خان جي حمايت ڪري رهيو آهي.هن چيو ته نجم سيٺي ۽ ذڪا اشرف جا چيئرمين ٿيڻ جا امڪان آهن ڇو ته انهن پنهنجي عهدن تي سٺو ڪم ڪيو آهي.










