ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي جو طوفان عيد تي به نه ٽمي سگهيو، ڀاڄين، مصالحن ۽ گوشت جا اگهه آسمان تي پهچي ويا. لاهور ۾ مٺي عيد کان هڪ ڏينهن اڳ هر سبزي جي قيمت ۾ 20 کان 30 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي. بصر 80 رپيا مان 100 رپيا ۽ ٽماٽو 60 رپيا في ڪلو مان 100 رپيا في ڪلو ٿي ويا آهن، ادرڪ 280 رپيا ۽ ٿوم 250 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. گوشت جي قيمت ۾ به 200 کان 300 رپيا في ڪلو، ڪڪڙ جو گوشت 340 کان 380 رپيا، گوشت 900 رپيا ۽ ٻڪري جو گوشت 1700 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ به ميون کانپوءِ ڀاڄين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا، ليما 800 کان 1000 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن.










