رمضان شريف ۾ مھانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگھيو

ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار ) رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ مھنگائي تي ڪنٽرول ٿي نه سگھيو بچت بازارن توڙي فٽ پاتن تي وڪرو ڪندڙ ڀاڄي ۽ ميون جا اڳھ چوٽ چڙھي ويا  گھريلو روز مراھ جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شيئن سان گڏ ميون جا ريٽ پڻ آسمانن تي پھچي ويا غريب عوام صرف ميوا ڏسي ڪري ئي پيٽ تي پٿر رکي افطار ڪرڻ تي مجبور سرڪاري مشينريون بلڪل غائب عوام پريشان .ڪراچي شھر ۾ لڳندڙ مختليف بچت بازارون توڙي فٽ پاٽ تي وڪري لاء بيٺل ڀاڄين ۽ ميون جي اڳھن ۾ غريب عوام کي ڪا به سھولت ملي نه سگھي ريٽ ڏينھئون ڏينهن آسمانن تي پھچڻ لڳا پر سرڪاري مشينريون بلڪل ننڊ پيل آهن گھريلو روز مراھ جي زندگي ۾  استعمال ٿيندڙ شيئن سان گڏ ھاڻ ميون جا ريٽ به  ڏينھئون ڏينهن  آسمانن سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا غريب عوام بجائي ميوا خريد ڪري کائڻ جي صرف ريٽ پوڇا ڪرڻ ۽ ڏسڻ جي حد تائين رھجي وي افطار جي وقت غريب عوام گھر ۾ دال روٽي سان افطار ڪرڻ تي مجبور جڏهن ته اھڙن منافا خورن خلاف سرڪاري عملدار ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ئي ناھن

پهنجو تبصرو موڪليو