اسلام آباد(بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ 7.5 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.يوٽيلٽي اسٽورز رمضان پيڪيج تحت قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اطلاق 5 مارچ کان ٿيندو.نوٽيفڪيشن موجب رمضان پيڪيج تحت 800 گرام چانهه 100 رپيا، بسن ۽ کجور 50 رپيا في ڪلو، کير 30 رپيا ٽيٽرا پيڪ، دال ۽ چانور 25 رپيا في ڪلو، پکا 25 رپيا في ڪلو. تيل جي قيمت ۾ 25 رپيا في ليٽر ۽ مشروبات جي 800 ملي ليٽر جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه بي آءِ ايس پي جي گراهڪن لاءِ کنڊ جو في ڪلو اگهه 109 رپيا، گهي 365 رپيا ۽ اٽي جو 648 رپيا في 10 ڪلو ٿيلهو برقرار رهندو.رمضان رليف پيڪيج يوٽيلٽي اسٽورن تي 5 مارچ کان لاڳو ڪيو ويندو جيڪو چنڊ رات تائين جاري رهندو.










