ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)رمضان مبارڪ جو مھينو شروع ٿيندي ئي ٺٽي ۾ چور سرگرم چوري ۽ ڦرن جون وارداتون وڌڻ لڳيون، چوري ڪندڙ گروپن ضلعي جي شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. گذريل رات اسُر جو روزو رکڻ مھل چور مڪلي جي رھواسي غلام مصطفي’ ميرجت جي گھر ۾ جيئن ئي داخل ٿيا گھر ڀاتين جي سجاڳ ھجڻ جي ڪري گھر ڀاتين ھڪ چور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو . ياد رھي تـ مڪلي ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايڇ او جنھن جي لاء چيو وڃي ٿو تـ وڏو اثر رسوخ ٿو رکي ڪراچي شھر کان بدلي ڪرائي ٺٽي جي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ٿاڻي تي پوسٽنگ ڪرائي آھي زميني حقيقتن کان اڻ واقف ھجڻ ڪري مڪلي شھر مان چورن کي چوريون ڪرڻ لاء کليو ميدان مليل آھي ٻئي طرف گھارو شھر ۾ پنھنجو ڪاروبار بند ڪري گھر طرف ويندڙ دوڪاندار نارائڻ داس کان ڪجهه نامعلوم ماڻھو ست لک روپيا ڦري فرار ٿي ويا جنھن تي گھارو شھر جي واپارين پاران گھارو شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي واپاري اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ شھر ۾ چورين ۽ ڦرون جو وارڌاتون روز جو معمول بڻيل آھن انتظاميا ۽ پوليس پاران ڪو به تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھي ٺٽي ٺٽي ضلعي جي شھرين ضلعي ۾ چورين جي وارڌاتن جي وڌڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا سميت ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي تـ جلد ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ فورن قدم کڻي شھرين کي چورين جي آزار کان بچايو وڃي.










