ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي تائين عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي 6 ارب ڊالرن جي توسيعي فنڊ جي ايندڙ قسط جي سهولت حاصل نه ڪري سگهندو، آءِ ايم ايف جي اسٽاف مشن گذريل مهيني وزيراعظم پاران پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت گهٽائڻ واري اعلان تي اعتراض اٿاريا آهن. وزيراعظم عمران خان پيٽرول/ڊيزل جي قيمتن ۾ 10 رپيا في ليٽر ۽ بجلي جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته قيمتون ايندڙ وفاقي بجيٽ تائين برقرار رهنديون. سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني عملدار فنڊ پروگرام جي ستين جائزي تي ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف هئا ۽ سومر تي ٻيهر ملاقات جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ آءِ ايم ايف مشن وچ ۾ پاليسي ڳالهين جو آخري دور اڱاري تي ٿيندو. پاڪستان حڪومت ڏيهي سياسي صورتحال جو جواز پيش ڪيو جنهن تي آءِ ايم ايف جي وفد اتفاق نه ڪيو.










