رفح جي حفاظت لاءِ فوري قدمن جي درخواست رد

رفح جي حفاظت لاءِ فوري قدمن جي درخواست رد

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)انصاف جي عالمي عدالت رفح جي تحفظ لاءِ فوري قدمن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.گڏيل قومن جي هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اسرائيل کي نسل ڪشي جي مقدمي ۾ کنيل پهرين قدمن جو احترام ڪرڻ گهرجي.انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ هنگامي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. 12 فيبروري تي، ڏکڻ آفريڪا رفح آپريشن کي روڪڻ لاء انصاف جي عالمي عدالت ۾ هڪ هنگامي درخواست داخل ڪئي.ان کان اڳ انصاف جي عالمي عدالت (ICJ) 26 جنوري تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ قدم کڻي.آءِ سي جي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ فلسطينين کي انساني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو