اسلام آباد)بيورو رپورٽ) بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر دنيش ڪمار جو چوڻ آهي ته هو اڳڪٿي ڪري ٿو ته رضا رباني ۽ مشاهد سيد کي سندن پارٽين مان ڪڍيو ويندو.سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته مشاهد سيد ۽ رضا رباني سچ ڳالهايو آهي.هن چيو ته اڄ اسان کي خوشي آهي ته اسان جي عوام سچ چيو آهي.واضح رهي ته سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته 5 ارب ڊالرن جو افغان جهاد وڙهيو ويو، اڄ نتيجا اسان جي سامهون آهن، بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي وڃي ۽ اليڪشن ڪرائجي،مشاهد حسين سيد چيو ته جنرل ضياءَ سان زيادتي ٿئي ٿي پر سندس پاليسين تي عمل ڪيو وڃي ٿو، جنرل ضياءَ چيو ته چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن نتيجا مثبت ايندا، ڪرسي جي جنگ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيندي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني پشاور سانحي جو ذميوار تحريڪ طالبان پاڪستان بابت حڪومتي پاليسي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي کي بحال ڪرڻ واري فيصلي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.رضا رباني چيو هو ته جڏهن تحريڪ انصاف سان جنگ بند ٿي ۽ ڳالهيون ٿيون ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.










