ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر 3 سالن جي مدت پوري ڪرڻ بعد فارغ ٿي ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد کي چارج ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل رصا باقر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي نئي گورنر جي ڀرپور تعريف ڪندي چيو آهي ته هو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو پي ايڇ ڊي آهي ۽ 16 سالن کان آءِ ايم ايف سان ديل ڪرڻ جو تجربو رکي ٿو. رضا باقر جيڪو آ3 ايم ايف جو ملازم آهي تنهن کي صدر عارف علوي 2019 ۾ مقرر ڪيو هو. باقر رضا جو چوڻ آهي ته هن ٽن سالن ۾ 5 ناڻي وارن سيڪريٽرين ۽ 4 وزيرن سان ڪم ڪيو.










