گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو)اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر اياز ميمڻ , انسپيڪٽر عبدالفتاح مهر ۽ سول جج گهوٽڪي جو نيشنل هاء وي تي هڪ هوٽل تي ڪاروائي , رشوت وٺندي گهوٽڪي رڪ فارم جي تپيدار عطاء حسين شاھ کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو , ان حوالي سان گهوٽڪي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اياز ميمڻ جو چوڻ هو ته حفيظ بلو نالي شخص اسان وٺ ايف آءِ آر درج ڪرائي موقف اختيار ڪيو ته مان سيل سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ لاء تپيدار عطاء حسين شاھ وٺ ويس ته هن 20 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي ۽ مان 5 هزار روڪ ڏنا باقي رهيل رقم هو گهري رهيو آهي , سرڪل آفيسر مطابق اڄ گهوٽڪي سول جج واجد حسين دايو سان گڏ هڪ هوٽل تي ڪاروائي ڪندي رشوت وٺندي تپيدار عطاء حسين شاھ کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي.










