ڪراچي (نمائندن وٽان) گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص سوڌو ٻين شهرن ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب مريض رُلي ويا، گمبٽ ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ دوران علاج لاءِ پهتل گهوٽڪي واسڻ رضيه خاتون اسپتال ٻاهران تڙپي تڙپي فوت، عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ، نصير آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ هيلٿ عملي جي بائيڪاٽ سبب مريض دربدر، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ ٻئي عملي طرفان هيلٿ ملازمن جو رِسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

دڙو، ٻنون، لائقپور، ڪانڌڙا، ٺٽو، بدين، ٽنڊو باگو، ٺل، جيڪب آباد، مبارڪپور، سکر، گهوٽڪي، خيرپور سميت ننڍن وڏن شهرن م اسپتالن جي عملي احتجاجي مظاهرا ڪيا.











