رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ 16 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل 2 رانديگر بازياب ٿي ويا آهن.اي ايس پي شاهزيب جو چوڻ آهي ته ڀنگ ۾ ڪمند جي فصل ۾ ڌاڙيلن جي موجودگيءَ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.شاهزيب موجب 16 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن رانديگرن کي بازياب ڪرايو ويو ۽ هڪ اغوا ڪندڙ کي حراست ۾ ورتو ويو.اي ايس پي موجب پوليس ڪارروائي کان اڳ اغوا ڪندڙن جي 8 سهولتڪارن کي حراست ۾ ورتو هو، اغوا ڪندڙ يرغمالن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ڇاپو هنيو، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي.پوليس موجب اغوا ٿيلن ۾ 25 ورهين جو هاشم خان ۽ 40 ورهين جو راحيل شامل آهن.










