رحيم يار خان: (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي ٿاڻي ايئرپورٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ترجمان موجب، پوليس پارٽي چڪ 106 پي سيم نالا روڊ تي ناڪابندي دوران شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربند ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس ترجمان ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ بدنام زمانه فيضان عرف شانا مانڪ جي نالي سان ٿي آهي، گرفتار ڌاڙيل جي قبضي مان ناجائز هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڌاڙيل ڦر، چوري جهڙن ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ مٿس اڳ ئي رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










