مٺي (لياقت نھڙيو)سانوڻي جي وسڪاري جو جواز ڄاڻائي سنڌ حڪومت پاران ڏڪار متاثرين ٿرين جي سهائتا لاء منظور ٿيل مفت في خاندان پنجاهه ڪلو امدادي ڪڻڪ جي ورهاست بند ڪري ڇڏي، ٿري پريشان سنڌ حڪومت ٿر ۾ بدترين ڏڪاري حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي جي 287949 خاندانن کي پنجاهه ڪلو گرام مفت ڪڻڪ جون ٽن مهينن لاءِ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست شهري علائقن ۾ مڪمل ڪرڻ بعد اصل ٻهراڙي جي متاثرين کي ڪڻڪ ڏيڻ بعد برسات جو جواز ڄاڻائي ورهاست ضلعي انتظاميا بند ڪري ڇڏي.سنڌ حڪومت بجيٽ جاري ڪندي ڪڻڪ ٿر اماڻي پر اصل ٻهراڙي جي لکين متاثرين کي ڪڻڪ جو داڻو ملي نه سگهيو، ڪڻڪ جي ورهاست روڪڻ جو سبب ڊي سي ٿر نه ٻڌايو.

ڳوٺاڻن آفتاب، انيل ميگهواڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان کي امدادي ڪڻڪ نه ملي آهي ۽ ضلعي انتظاميا اوچتو ڪڻڪ جي ورهاست بند ڪري آيل ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ هڙپ ڪرڻ چاهي ٿي . برسات ٿر ۾ پئي آهي پر اها کڻي ڪجهه نه آئي آهي جنهن تي اسان فصل پوکيو آهي اهو چار مهينن ۾ تيار ٿيندو ۽ پوءِ اسان خوشحال ٿينداسين ۽ منظور ڪيل ڪڻڪ جي ورهاست شروع ڪري سهائتا ڪئي وڃي.










