اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار عشرت علي کي خط لکي سندس فوري استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ لکيو ته رجسٽرار کي عدالتي حڪم ڪالعدم ڪرڻ جو اختيار ناهي، چيف جسٽس به عدالتي حڪم خلاف ڪو به انتظامي حڪم جاري نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي خلاف رجسٽرار 31 مارچ جو سرڪلر جاري ڪيو هو جيڪو آئين جي خلاف ورزي آهي. خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ لکيو ته توهان هڪ سينيئر آفيسر جي حيثيت سان پنهنجي آئيني ذميواري کان آگاهه رهو، توهان جي مفاد ۾ بهتر آهي ته 31 مارچ جو سرڪيولر فوري طور واپس وٺو. جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ لکيو ته سرڪيولر واپس ورتو وڃي ۽ انهن سڀني کي آگاهه ڪيو وڃي جن ڏانهن موڪليو ويو آهي. خط ۾ هن لکيو ته آئين تحت بيوروڪريسي کي عدليه کان الڳ رهڻ گهرجي، ٻين شهرين وانگر رجسٽرار به آئين جي آرٽيڪل 5 جي شق 2 جا پابند آهن. ان کانسواءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سيڪريٽري ڪيبينيٽ سيڪريٽريٽ، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي به خط لکي ڇڏيو آهي. هن خط جي ڪاپي اٽارني جنرل کي به موڪلي ڇڏي آهي. جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ عشرت علي کي سپريم ڪورٽ جي وقار ۽ وقار کي نقصان پهچائڻ نه ڏنو وڃي.










