لاڙڪاڻو: (ن س) رتوديرو ڀرسان ھٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، رتوديرو باءِ پاس وٽان رتوديرو-شڪارپور روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن گوليون ھڻي 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولن جي سڃاڻپ ذوالفقار ۽ سندس پٽ نثار علي رند طور ٿي آهي، جڏهن تہ هڪ ڄڻو شهزاد رند زخمي ٿي پيو آهي، مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي رتوديرو جي تعلقہ اسپتال آندو ويو.ان سلسلي ۾ مارجي ويلن جي وارثن ٻڌايو تہ اسان جو پنهنجي ئي برادري جي محمد دين ۽ ڇٽو رند سان پيسن جي ڏيتي ليتي جو مسئلو هلندڙ هيو، جنهن تان هنن اڄ فائرنگ ڪري اسان جي 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، مقتولن جو تعلق ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ علي محمد سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏھن تہ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.










