راڻا ثنا آرٽيڪل 6 جون ڳالهيون ڪري قوم کي بيوقوف بڻائي پيو: شيخ

راڻا ثنا آرٽيڪل 6 جون ڳالهيون ڪري قوم کي بيوقوف بڻائي پيو: شيخ

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد موجوده وفاقي گهرو وزير تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله آرٽيڪل 6 جي ڳالهه ڪئي، هو قوم کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو. شيخ رشيد اينٽي ڪرپشن جي طلبي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته جنهن ڏينهن شهباز شريف سچ ڳالهايو اهو ڏينهن سندس سياست جو آخري ڏينهن هوندو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن لاهور جي عوام سڀاڻي صحيح فيصلو ڪيو ته سمورا معاملا جواب طلب رهجي ويندا.شيخ رشيد اهو به چيو ته عمران خان جي مهم هلائي رهيا آهيون، ساڻس گڏ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو