اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزير راڻا ثناءُ الله قانوني ڪارروائي لاءِ شيرين مزاري جو ٽوئيٽ ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسرن خلاف ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ڏوهه آهي، پوليس سميت ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ۽ جعلي وڊيوز تي کلين اپ آپريشن ڪنداسين.هن چيو ته پرڏيهي ايجنٽ کليل نموني رياست خلاف اچي ويا آهن، انهن کي انجام تائين پهچايو ويندو.










