راڻا ثناءُ الله منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ بري

راڻا ثناءُ الله منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ بري

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ بري ٿي ويو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اينٽي نارڪوٽڪس عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن پنهنجي وڪيل ذريعي ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي. راڻا ثناءُ الله طرفان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته منهنجي خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو، تنهن ڪري مون کي بري ڪيو وڃي.ٻڌڻي دوران گهرو وزير جي وڪيل فرهادشاهه ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ڊرگ ايڪسپورٽر جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امتياز احمد الزامن جي ترديد ڪري رهيو آهي ۽ انسپيڪٽر احسان اعظم به الزامن جي ترديد ڪري رهيو آهي. راڻا ثناءُ الله جي وڪيل جي موقف تي پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس اڄ دليل ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي، جنهن تي راڻا ثناءُ الله جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواست داخل ڪئي وڃي. بعد ۾ منشيات جي خاتمي واري عدالت وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جي بريت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد کيس آزاد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو